مختلف شعبن ۾ عورتن جي سخت ضرورت آهي: طالبان

ڪراچي: افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جي نائب اطلاعات واري وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته صحت، اعليٰ تعليم، اسڪول، پوليس ۽ عدليه جي شعبن ۾ عورتن جي فوري ضرورت آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ذبيح الله چيو آهي ته ڪجهه ادارن ۾ عورتن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ۾ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

هن چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ عورتن جي وزارت واري مامري ۾ نالي ماتر وزارت هئي، اسلام ۾ عورتن جي حقن جي مناسبت سان جديد ادارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو آهي ته عورتن واري وزارت جي ملازم عورتن کي ٻين سرڪاري ادارن ۾ جڳهه ڏني ويندي ۽ عورتن جون رهجي ويندڙ پگهارون به کين ڏنيون وينديون.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن هي خبرون سامهون آيون هيون ته طالبان عورتن جي وزارت کي وزارتِ اخلاقيات