نائن اليون تي نئين افغان حڪومت جي حلف برداري تقريب، مختلف ملڪن کي شرڪت جي دعوت

ڪابل: افغانستان جي نئين عبوري حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جا دعوتناما مختلف ملڪن کي جاري ڪيا ويا آهن. برطانوي ميڊيا موجب تقريب ۾ پاڪستان، چين، ترڪي، مصر، قطر ۽ متحده عرب امارات جا نمائندا شرڪت ڪندا.رپورٽن موجب تقريب ۾ روس ۽ ازبڪستان جا نمائندا به شرڪت ڪندا. رپورٽون آهن ته نئين افغان ڪابينا آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيندڙ حملي کي 20 سال مڪمل ٿيڻ واري ڏينهن يعني 11 سيپٽمبر تي حلف کڻندي. آمريڪا ۽ يورپي يونين طرفان طالبان جي عبوري حڪومت تي خدشن جو اطهار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان طرفان نئين افغان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.