مولانا فضل الرحمان ڪرپشن ذريعي ملڪيتون ٺاهيون آهن: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل الزام هنيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪرپشن ذريعي ملڪيت ٺاهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڇا مولانا فضل الرحمان ڪيل ڪرپشن تي قوم کان معافي گهري.؟ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ملڪ جي لاءِ ڪابه قرباني ناهي ڏني. شهباز گل چيو ته قوم جي مائرن بهادر پٽ پيدا ڪيا جڏهن ته وسيلن جي تعداد ۾ گهٽتائي باوجود به بهادر پٽن جنگ وڙهي، 6 سيپٽمبر تي بهادر فوج دشمن کي آخري انجام تائين پهچايو.هن چيو ته پاڪستان ايئرفورس تي قوم کي فخر آهي ۽ 6 سيپٽمبر تي پاڪستان جي جوانن دشمنن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. پاڪستان ايئرفورس جي شهيدن کي نٿا وساري سگهون اسان سڀني جو فرض آهي ته شهيدن جي گهرن تي حاضري ڏيون.