لاهور ۾ ٻن نارين سان مبينا زيادتي، فيڪٽري مالڪ گرفتار

ڪراچي: لاهور ۾ عورتن سان جنسي زيادتي جا واقعا رڪجي نه سگهيا، جنهن ڪري پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان لڳل آهي.تازه ترين واقعي ۾ لاهور جي علائقي گجر پوره ۾ پيش آيو جتي ٻن ڇوڪرين سان زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن جوابدارن ڇوڪرين کي شاهدره مان اغوا ڪري گجر پوره آندو جتي هنن ڪرول کاٽي ۾ قائم هڪ فيڪٽري ۾ وٺي وڃي ڪري ٻنهي کي زيادتي جو نشانو بڻايو.پوليس موجب زيادتي کانپوءِ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، پر فيڪٽري جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.