سنڌ حڪومت پاران پاپوليشن کاتي ۾ 19هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران پاپوليشن کاتي ۾ 19هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون، ڪشمور مان ذوالفقار ڏيٿو کي بدلي ڪري لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو، لاڙڪاڻي مان حاڪم تنيو کي بدلي ڪري گهوٽڪي ۾ مقرر ڪيو ويو، گهوٽڪي مان طارق اعظم لاڙڪ کي بدلي ڪري خيرپور مقرر ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.