گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان افغانستان ۾ طالبان جي اڳراين کي فوري روڪڻ جو مطالبو

ڪراچي: افغانستان هٿن مان نڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان طالبان جي اڳراين کي فوري روڪڻ جو مطالبو، گڏيل قومن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو هر ڪلاڪ ۾ جائزو ورتو پيو وڃي، گڏيل قومن جو عملو ڪابل مان واپس نه ٿي رهيو آهي، عالمي اداري وٽ هر امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جو پلان آهي، ڪابل ۾ امريڪي سفارتخاني طرفان پنهنجي عملي کي سمورا دستاويز، جهنڊا ۽ ٻيو حساس مواد ساڙي خاڪ ڪرڻ جو حڪم، ڪينيڊا طرفان 20 هزار افغان مهاجرن کي پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.