سکر: ڪورونا ويڪسين ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ خانگي اسپتالون سِيل ڪرڻ جو فيصلو

سکر: ضلعي انتظاميه پاران ڪورونا ويڪسين ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ خانگي اسپتالون سِيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪمشنر سکر شفيق مهيسر چيو آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙ مريضن کي اسپتال ۾ داخل نه ڪيو وڃي، ڪمشنر سکر پاران ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ اوز کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو الٽي ميٽم ڏيندي چيو ويو آهي ته ويڪسين مهم دوران اسپتال ۾ پيئسا وٺڻ جي شڪايت ملي ته لاڳاپيل عملي سميت ايم ايس کي بخش نه ڪيو ويندو. سکر ڊويزن ۾ ڪووڊ 19 جي مجموعي صورتحال ۽ ويڪسين مهم جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪمشنر سکر چيو ته خانگي اسپتالن ۾ ڪورونا ويڪسين ۽ ايس او پيز وارين ھدايتن تي عمل نه پيو ٿئي، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر حالت بهتر نه ٿي ته اهڙين خانگي اسپتالن کي سيل ڪيو ويندو.