سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا 8آگسٽ تائين مڪمل بند رهندا: سعيد غني

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا 8آگسٽ تائين مڪمل بند رهندا، هن وقت ڪراچي شهر ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، سعيد غني چيو آهي ته 8آگسٽ کانپوءِ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، جنهن بعد وڌيڪ ڪو فيصلو ڪيو ويندو.