ٿر جي معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت

مٺي: ٿرپارڪر ۾ معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، خوراڪ جي کوٽ سبخ مختلف بيمارين وگهي سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ست مهينن جو مظفهر ولد جمن جوُڻيجو، جڏهن ته هرچند، محمد سالار، علي حسن ۽ شاول لنجي جي تازن ڄاول ٻارڙن دم ڏئ ڇڏيو، نرسري، پرياڊيڪ،نيوٽريشن سميت مختلف قائم ڪيل وارڊز ۾ 70 کان وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ، صحت کاتي موجب هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو تعداد 8 ۽ هلندڙ سال ۾ تعداد 353 ٿي ويو، سول اسپتال مٺي سميت ٿر جي مختلف اسپتالن دوائن توڙي ٻين سهولتن جي سخت اڻهوند آهن.