ملير: سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، بسن ۽ ڪوچن کي ڪاٺوڙ وٽ روڪيو ويو، مسافر دربدر

ملير: سنڌ سرڪار لاڪ ڊائون لڳائڻ واري اعلان تي ملڪ جي مختلف شھرن کان ڪراچي ايندڙ بسن ۽ ڪوچز کي ڪاٺوڙ وٽ روڪيو ويو آهي، پوليس مسافرن کي بسن ۽ ڪوچز مان لاهي بسن کي بيهاري ڇڏيو، سوين مسافر دربدر ۽ پيادل پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، مسافرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن اسان کي ائين ئي خوار ڪرڻو هو ته گاڏين کي نڪرڻ ئي نه ڏنو وڃي ها، هاڻ عورتون، معصوم ٻارڙن سميت ڪيترو پنڌ ڪيون، دربدر ٿي ويا آھيون.

buses and coaches were stopped in KathorDue to the lockdown