مٺي: دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت رد

مٺي: دودو ڀيل قتل ڪيس جي گرفتار جوابدارن جي پورهيت غلام قادر کوکر تي تشدد ۽ ناحق قيد واري ڪيس ۾ داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست رد، سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ مٺي جي عدالت پورهيت غلام قادر کوکر تي تشدد ۽ ناحق قيد واري ڪيس ۾ گرفتار اينگرو ڪمپني جي سيڪورٽي انچارچ ڪمانڊو ڪاشف ۽ گارڊ قمر رضا جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ ساڳي جوابدارن جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ضمانت واري درخواست 31 جولاء تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت هڪ سئو اهڪارن تي ڌرڻي مٿان تشدد ۽ گرفتارين واري معاملي جو ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي پڻ ملتوي ڪري 31 جولاء تي رکي وئي.