ارباب غلام رحيم وزير اعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر

اسلام آباد: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تازو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل ارباب غلام رحيم کي وزير اعظم عمران خان جو سنڌ جي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيبينيٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم رولز آف بزنيس 1973 تحت ارباب غلام رحيم کي سنڌ افيئرس بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي، سندس مقرري اعزازي هوندي.