ڪورونا ۾ واڌ: وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقاتين جي اچڻ تي پابندي

ڪراچي: وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقاتين جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آھي، ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ضروري آفيسون کليل رهنديون. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي اختيارين پاران وزيراعليٰ جي هدايتن بعد حڪم نامو جاري ڪندي چيو ويو آھي تھ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ رڳو سي ايم ڪوآرڊينيٽر، پرسنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، سمورا ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيئر ميڊيڪل آفيسر جون آفيسون کليل رهنديون. بند ٿيل آفيسن جا ملازم ۽ آفيسر گھر ويٺي ڪم ڪار ڪري سگھندا، گھر ويٺي ڪم ڪندڙ ملازم بِنا اجازت هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي سگھندا.