وزيراعظم عمران خان سنڌ اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان سنڌ خان سنڌ اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻيا ميمبرز شرڪت ڪندا، 15 ڏينهن ۾ سنڌ اسٽريٽجي ڪميٽي جو هي ٽيون اجلاس آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي غور ڪيو ويچار ڪيو ويندو، وزيراعظم کي سنڌ جي سياسي صورتحال تي بهبريفنگ ڏني ويندي.