سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفه ۾ رات گذارڻ کان پوءِ منيٰ پهچي ويا

رياض: سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفله ۾ رات گذارڻ کان پوءِ منيٰ پهچي ويا. عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن حاجي سڳورا رمي ڪري رهيا آهن ۽ اڄ رڳو شيطان کي پٿريون هنيون وينديون. رمي کان پوءِ حاجي سڳورا عبادت ۾ وقت گذاريندا. قرباني کان پوءِ حاجي سڳورا مٿو ڪوڙائي احرام جي حالت ۾ نڪري ايندا. ۽ طواف جي زيارت کان پوءِ رات منيٰ ۾ گذاريندا.

واضح رهي ته گذريل سال جيان هن سال به عالمي ڪورونا وبا سبب محدود پيماني تي صرف 60 هزار ماڻهو حج جو فرض ادا ڪري رهيا آهن جن ۾ سعودي شهري ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهي شامل آهن.

خاص انتظامن جي تحت رمي جمرات جي لاءِ سعودي حج واري وزارت طرفان حاجين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند جراثيم کان پاڪ ڪنڪريون ڏنيون پيون وڃن. ان کان علاوه شيطان کي ڪنڪريون هڻڻ دوران به سماجي وٿي سميت ٻين احتياطي تدبيرن جو خيال رکيو پيو وڃي.