پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

لاهور: پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. تيز برسات سبب ندي نالا پاڻي سان ڀرجي ويا. ڇتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻارڙي فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. 

رپورٽ موجب چوماسي جي برساتن رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي. فيصل آباد، نارو وال جهنگ، چنيوٽ ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. چناب نگر، شانگله، پنڊي بهٽيان ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. عيسيٰ خيل ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي. شهرن جا رستا بند ٿي ويا. سوين ايڪڙن تي  بيٺل فصل کي به سخت نقصان پهتو. پنڊ دادن خان ۾ تيز برسات سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.

ميانوالي ۾ برسات سبب ڇت ڪري پئي جنهن سبب ملبي هيٺيان دٻجي  ٻارڙي فوت، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه برسات سبب نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. برساتن  سبب 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. گهرن کي به نقصان پهتو. موسم جو حال ٻڌائيندڙن برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.