صنعان قريشي ۽ 147 اسيرن جون ٽئين ڪيس ۾ بہ ضمانتون منظور

ڪراچي: بحريه ٽائون ڌرڻي ڪيس ۾ صنعان قريشي ۽ 147 اسيرن جون ٽئين ڪيس ۾ بہ ضمانتون منظور ڪيون ويون. عدالت ڪيس نمبر 259 ۾ 20ھزارن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ دھشتگردي جو ھي ٽيون ڪيس ھو جنھن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. عدالت چيو ته جن جوابدارن خلاف ٻيا ڪيس ناھن انھن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.