عيد الاضحيٰ جي موقعي تي بينڪ موڪلن جو اعلان

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان بينڪ موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان عيد الاضحيٰ جي ڏينهن ۾ بينڪن جي موڪلن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جون سموريون خانگي ۽ سرڪاري بينڪون 20 جولاءِ اڱاري کان 22 جولاءِ اربع تائين بند رهنديون.
عيد الاضحيٰ کان اڳ بينڪون سومر جي ڏينهن معمول موجب صبح 9 وڳي کان شام پنج وڳي تائين عوام جي لاءِ کليل رهنديون.
موڪلن کان پوءِ سڄي ملڪ جون سموريون بينڪون 23 جولاءِ کان معمول جي موجب کلنديون.