ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران سنڌ ۾ فوري طور گورنر راڄ لڳائڻ جو مطالبو!

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ۾ فوري طور گورنر راڄ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ جعلي ڊوميسائيلن وسيلي نوڪرين ۽ ووٽر لسٽن ۾ دوکي بازي ڪئي وئي، ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ثابت ٿيو ته جعلي ووٽ داخل ڪيا ويا. سنڌ جي ڪيترين ئي سيٽن تي ڌاڌنڌلي وسيلي ماڻهو کٽي آيا. هنن چيو ته ڪرپٽ ۽ ملڪ دشمن ماڻهو اقتدار تي قابض آهن، نادرا سنڌ ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن کي جعلي ڀرتي ڪيو ويو. را جي ايجنٽن جا به جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا، سنڌ حڪومت نااهل آهي، وفاقي حڪومت فوري طور تي گورنر راڄ لڳائي.