ارسا پاران وري پاڻي ٺاهه نظرانداز: ٽه رخي فارمولي تحت ورڇ

اسلام آباد: ارسا هڪ ڀيرو ٻيهر 1991ع جي پاڻي ٺاهه کي نظر انداز ڪندي ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ ۽ پنجاب کي 16- 16 سيڪڙو کوٽ جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کوٽ کان آجا، ارسا سنڌ صوبي کي پاڻي جي فراهمي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪس ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پنجاب کي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪس کان پاڻي وڌائي هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪرڻ جو فيصلو، تفصيل موجب ارسا ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو آهي ته ارسا درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي کان پوءِ پاڻي جي ورڇ ڪندي صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي جي پاڻي فراهمي جي انڊينٽ هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ آهي، جنهن مان ڪالهه تائين سنڌ کي هڪ لک 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پئي ويو، ارسا ڪالهه سنڌ کي هڪ لک 39 ڪيوسڪس مان پاڻي فراهمي وڌائي روزانو هڪ لک 55 هزار پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هن ٻڌايو ته پنجاب صوبي جي پاڻي فراهمي جي انڊينٽ هڪ لک 44 هزار 300 ڪيوسڪس آهي، جنهن مان پنجاب کي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو هو، پنجاب کي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي مان وڌائي هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ صوبي کي گهربل پاڻي کان 16- 16 سيڪڙو پاڻي گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبي کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، خيبر پختونخوا کي 3 هزار ڪيوسڪ ۽ بلوچستان کي گهربل 14 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ارسا پنجاب لاءِ جي سي زون ۾ پاڻي لاسز زيرو، انڊس زون ۾ 15 سيڪڙو، سنڌ صوبي کي پاڻي فراهمي ۾ لاسز جو ڪاٿو 15 سيڪرو جڏهن ته بلوچستان لاءِ پاڻي فراهمي دوران لاسز 30 سيڪڙو تائين هجڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هوڏانهن ارسا پاران پاڻي وهڪرن بابت جاري ڪيل تفصيلن مطابق تربيلا ۾ پاڻي جي سطح وڌي 1445 فوٽ تي پهتي آهي، تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 11 هزار 700 ڪيوسڪ جڏهن ته تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ پاڻي ڇوڙ هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪس آهي، ياد رهي ته ارسا جا اهي انگ اکر سومر ڏينهن شام 6 وڳي واپڊا پاران جاري انگن اکرن کي غلط قرار ڏين ٿا، جنهن ۾ واپڊا پاران تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ هڪ لک 61 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، هوڏانهن ڪالهه چشما مان پاڻي ڇوڙ وڌائي هڪ لک 85 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، ڪالهه به سي جي کي پاڻي جي فراهمي 5 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته ٽي پي لنڪ ڪينال کي 6 هزار 861 ڪيوسڪ پاڻي فراهمي جو عمل جاري رهيو، ٽي پي لنڪ ڪينال کي هڪ ڏينهن پهريان 4 هزار 981 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پئي ويو، ان حساب سان ڪالهه هڪ ڏينهن اندر ٽي پي لنڪ ڪينال کي پاڻي جي فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سومر ڏينهن جي مقابلي ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن گڊو بيراج وٽ پاڻي جي آمد ۾ اضافي بجاءِ وڌيڪ 2 هزار ڪيوسڪ تائين لاٿ آئي آهي، 12 جولاءِ تي گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو هڪ لک 16 هزار 800 ڪيوسڪس هو، جيڪو ڪالهه گهٽجي هڪ لک 14 هزار ڪيوسڪس تي پهتو آهي، ارسا ترجمان مطابق سنڌ کي فراهم ٿيندڙ هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي گڊو بيراج تائين پهچڻ ۾ 4 ڏينهن تائين جو وقت لڳندو، جنهن کان پوءِ گڊو بيراج جا وهڪرا بهتر ٿيندا، ڪالهه سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 77 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 30 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو 28 هزار 100 ڪيوسڪ جڏهن ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ صرف 500 ڪيوسڪ رهيو، ڪالهه درياهن ۾ پاڻي جي مجموعي آمد 4 لک 19 هزار 900 ڪيوسڪ رهي، هڪ ڏينهن اڳ درياهن ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 49 هزار 200 ڪيوسڪس هئي.