سنڌ ۾ مسافرن جا ڪورونا وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ شروع

ڪراچي ؛ سنڌ ۾ مسافرن جا ڪورونا وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ شروع ڪيا ويا ، ٽرانسپورٽ کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص ۾ مسافرن، بس ڊرائيورز ۽ ڪنڊيڪٽرز جا ڪورونا وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويا، صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته سرٽيفڪيٽ بنا مسافرن کي کڻندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي.