ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار’

اسلام آباد:’ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار رکي وئي آھي، وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي برقرار رکڻ واري تجويز منظور ڪري ورتي، وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جائزه ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪيو ويو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽي ايل پي مٿان پابندي جو فيصلو حقيقتن تي ٻڌل هو، هنن پوليس وارن کي شهيد ڪيو، عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن مان ٽي ايل پي جو چونڊ نشان رد ڪرائڻ لاءِ رجوع ڪيو ويندو.