ڪورونا وڌيڪ25مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1700کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ڪورونا جا وار جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. هاڪاري ڪيسز جي شرح 3 اعشاريه ڇهه سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

عالمي وبا سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 25 مريض فوت ٿي ويا آهن. گڏيل فوتين جو انگ 22 هزار 520 ٿي ويو آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 3 اعشاريه ڇهه سيڪڙو رهي. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 35 هزار 573 ٿي ويو آهي. گڏيل ڪيسز جو انگ 9 لک 69 هزار 476 تائين پهچي ويو. پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ هزار 737 نوان مريض سامهون آيا آهن جڏهن ته ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 11 هزار 383 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 3 لک 47 هزار 553، سنڌ ۾ 3 لک 44 هزار 223، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 39 هزار 8، اسلام آباد ۾ 83 هزار 400 ۽ بلوچستان ۾ 27 هزار 781 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 811 ۽ گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 700 مريض ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان عيد تي عوام کان احتياط جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. ماسڪ جي استعمال ۽ ويڪسينيشن تي به زور ڏيندي وزيراعظم چيو آهي ته ڀارتي ويرينٽ تمام وڏو خطرو آهي. ايس او پيز تي عمل سان ئي هن کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو. لاڪ ڊائون غريب طبقي کي نقصان ڏيندو. احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ کان پوءِ ئي معيشت کي بچائي سگهجي ٿو