ڪراچي ۾ 12ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪرڻ تي ايف آئي اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جا آفيسرز گرفتار

ڪراچي : ڪراچي ۾ 12ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪرڻ تي ايف آئي اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايف آئي اي جي گرفتار ڪيل آفيسرن ۾ انچارج سي ٽي ڊبليو انسپيڪٽر پرويز، انڪوائريز آفيسر انسپيڪٽر عقيل ۽ ٻيا شامل آهن، آفيسر آن لائن ميڊيسن جي ڪاروبار ۾ بي قائدگين جي الزام انڪوائري ڪري رهيا هئا، 22جون تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ 24جون تي ڇڏيو ويو، آفيسرن 12ڪروڙ رشوت طلب ڪئي جڏهن ته 10ڪروڙ رپين جي ادائگي جي واعدي تي جوابدارن کي ڇڏيو ويو.