سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ بنا مريضن جو علاج نه ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ جَي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ بنا مريضن جو علاج نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سيڪريٽري صحت سمورن ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي آهي ته او پي ڊيز ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي پهريان ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين لڳائي وڃي، بعد ۾ سندس علاج ڪيو وڃي، ڊي ايڇ او حيدرآباد لالا جعفر ڊويزن جَي سمورين اسپتالز جِي انتظاميا ڏانهن موڪليل آڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته سيڪريٽري صحت جي حڪم تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ ورتل مريضن کي چيڪ اپ کان اڳ ئي ڪورونا وئڪسين لڳائڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اهڙي عمل سان شهرين جي زندگي به داءُ تي لڳي سگهي ٿي.