مڪاني کاتي ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مقرريون

ڪراچي: مڪاني ادارن واري کاتي ۾ تازو 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مٿين عهدن تي مقرريون، خالد رياض سينٽرل ضلعي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، رحيم ميمڻ سائوٿ ضلعي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آھي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ارشد راجا ايڊيشنل ڊائريڪٽر گهوٽڪي مقرر ويو، فاروق احمد بلوچ کي دادو مان بدلي ڪري شڪارپور ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل جمشيد راجپوت کي سانگهڙ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد تازو ترقيون ماڻيندڙن کي مٿين عهدن تي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.