ڊي جي نيب بڻجي سرڪاري آفيسرن کان ڪروڙين رپيا وصول ڪندڙ جوابدارعدالت ۾ پيش

ڪراچي: ڊي جي نيب بڻجي سرڪاري آفيسرن کان ڪروڙين رپيا وصول ڪندڙ جوابدار عامر حسين ڪراچي جِي عدالت ۾ پيش، نيب ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، نيب اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ڊي جي نيب سڏائي اسپيشل سيڪريٽري عامر خورشيد، اڳوڻي ڊي جي امداد علي شاهه ۽ واپاري شڪيل مهر کان ڪروڙين رپيا وصول ڪيا، عدالت جوابدار جَي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته نيب سموري دنيا جي پٺيان لڳل آهي ۽ اوهان نيب پٺيان لڳي ويا آهيو، عدالت ڌرين کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.