دودو ڀيل قتل واقعي تي سنڌ حڪومت پاران 3 رڪني وزارتي ڪميٽي قائم

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ گارڊز جي تشدد ۾ مارجي ويل پورهيت دودي ڀيل واقعي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني وزارتي ڪميٽي جوري ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر شامل هوندا. ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها دودي ڀيل جي قتل جي واقعي جي جاچ ڪرائي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائي.