نواز ليگ جي 14 ميمبرز طرفان اسيمبلي نه اچڻ تي سواليا نشان آهي:خورشيد شاھ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ بجٽ جي منظوري جي ڏينهن شهباز شريف جو نه اچڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، نواز ليگ جي 14 ميمبرز طرفان اسيمبلي نه اچڻ تي سواليا نشان آهي، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا 2 ميمبرز ڪورونا سبب اسيمبلي ۾ نه اچي سگهيا، بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي کانئن هيلٿ سرٽيفڪيٽ طلب ڪري ورتو آهي، حڪومتي رويي سان پارليامينٽ ۾ مايوسي پکڙيل آهي، پهريون ڀيرو جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ به گئس لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، عوام تڪليفن مان پيو گذري، پر حڪمران سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيا آهن.