چين مليريا کان پاڪ قرار

جنيوا : صحت جي عالمي اداري چين کي مليريا کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
ماهرن جي هڪ ٽيم مليريا بابت صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چين جو دورو ڪيو هو ۽ هاڻ تصديق ڪئي وئي آهي ته چين مليريا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي.
چين ۾ 1940 جي ڏهاڪي دوران هر سال تقريبن 3 ملين ماڻهو مليريا جو شڪار ٿيا هئا پر گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ ۾ هڪ به مقامي ڪيس سامهون ناهي آيو.
چين دنيا جو اهڙو چاليهون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن کي صحت جي عالمي اداري مليريا کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.