شاهه محمود قريشي ۽ بلاول ڀٽو قومي اسيمبليءَ ۾ آمهون سامهون

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سخت تنقيد جي جواب ۾ چيو ته ها هي مونکي سڃاڻي ٿو، آئون به هن کي ان وقت کان سڃاڻان جڏهن هي بنهه ننڍڙو هو، جڏهن ڪنڊ ۾ بيٺو هوندو هو ۽ دڙڪا کائيندو هو، مان هن کي ۽ هن جي پيءُ کي به سڃاڻان ٿو. هن چيو ته هي پ پ جي ڳالهه ڪن ٿا، آئون 2013 ۽ 2018ع ۾ توهان جي ضمانت ضبط ڪرائي هتي ويٺو آهيان. توهان هن کي لکيل پرچيون ڏيئي ڇڏيو ٿا ، جيڪي کڻي ٻار آٽو تي شروع ٿي وڃي ٿو. اڃان ڪجهه وقت لڳندو ٻچا اڃان ڪجهه وقت لڳندو. مونکي خبر نه هئي ته منهنجي هڪ تقرير سان بلاول ايترو پريشان ٿي ويندو، هي طفل مڪتب آهي، اڃان کيس وڏو وقت لڳندو. هن چيو ته هي يوسف رضا گيلاني جي ڳالهه ڪري ٿو، گهٽ ۾ گهٽ هن کي مڪ مڪا وارو ليڊر آف اپوزيشن ته نه بڻايو ها، گيلاني سرڪاري ووٽن سان ليڊر آف اپوزيشن بڻيل آهي، پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسو، بلاول اندر ۾ جهاتي پاءِ توکي اصليت نظر اچي ويندي. توکي خبر پئجي ويندي، ته ڪيتري پاڻي ۾ آهين. هن چيو ته ٻار پريشان ٿي ويو آهي، آئون کيس وڌيڪ پريشان نٿو ڪرڻ چاهيان.