پيٽرول اگهه ۾ 6 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزير اعظم سان ڳالهين کان پوءِ جاري ڪندي.