ڪراچي: تحريڪ انصاف جي 8 اسيمبلي ميمبرن تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي لاڳو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن طرفان ايوان ۾ کٽ کڻي اچڻ تي اسپيڪر آغا سراج دراني تحريڪ انصاف جي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪندي 8 ميمبرن جي سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر جي منظوري کان پوءِ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سومر تي ٿيندڙ سيشن ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان جي تقدس ۽ پارليامينٽ جي روايت کي نقصان پهچايو آهي. حڪم نامي موجب پابندي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت تي لاڳو ڪئي وئي آهي جن ميمبرن مٿان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي انهن ۾ تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ بلال احمد، سعيد احمد، رابستان خان، راجه اظهر، ارسلان تاج، محمد علي عزيز، عديل احمد ۽ شاهنواز جدون شامل آهن. اهي ميمبر سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا. ڪارروائي رول 233 ۽ 257 جي تحت ان ميمبرن جي غير مناسب رويي جي خلاف ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ دعا جي وقفي کان پوءِ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن طرفان ايوان ۾ سخت احتجاج ۽ هنگامو ڪيو ويو هو. تحريڪ انصاف جي ميمبرن جمهوريت جي علامتي جنازي جي طور تي ايوان ۾ کٽ ۽ هنڌ کڻي آيا هئا جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني سخت ڪاوڙ جو اطهار ڪندي سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏنو هو.