لاهور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙڻ جِي دعويٰ

لاھور: لاهور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙڻ جِي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار، آءِ جي انعام غني ۽ گورنر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ملڪ دشمن ايجنسيز ملوث آهن، جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ عورتون به ملوث هيون، هيل تائين هڪ عورت سميت چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، 10 شڪي ماڻهو جاچ هيٺ آهن، دھشتگردن کي چٿيو ويندو،