آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن جي هڙتال، مختلف شهرن ۾ پيٽرول بحران جو امڪان

ڪراچي: آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم  شين جي ورهاست معطل ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب مطالبا منظور  نه ٿيڻ سبب آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هڙتال سبب ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ورهاست معطل آهي جڏهن ته مختلف شهرن ۾ پيٽرول بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

ان حوالي سان آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت کان مطالبن جي منظوري لاءِ وقت گهريو هو. حڪومت نه مطالبا مڃيا ۽ نه ئي ملڻ لاءِ  وقت ڏنو. اسان جو مطالبو آهي ته انڪم ٽيڪس جي شرح 3 مان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي.

انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ ايجنٽ ريٽ ۾ به هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. آئل ڪمپنين کي 15 ڏينهن ۾ ادائيگي جو پابند ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني لوڊنگ جي روڪٿام يقيني بنائي وڃي.