سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي جي ترجمان جو چوڻآهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جي موڪلن جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون نه ڏنيون وينديون، پر گرمي پد وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ موڪلون ڏئي سگهجن ٿيون، واضح رهي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري بعد سنڌ جي تعليمي ادارا کوليا ويا آهن، جڏهن ته حڪومت طرفان 21 جون کان پرائمري ڪلاسز به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.