ايران جون صدارتي چونڊون: ابراهيم رئيسي ڪاميابي ماڻي ورتي

تهران:   ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ميدان ماريندڙ ابراهيم رئيسي جي مقابلي ۾ 3 اميدوارن نتيجن جي اعلان کان اڳ ئي شڪست مڃي ورتي.

گذريل ڏينهن ايران ۾ نئين صدر جي چونڊن لاءِ ووٽنگ ٿي هئي. چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ماڻيندڙ 7 اميدوارن مان 3 نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا هئا جنهن کان پوءِ 60 ساله ابراهيم رئيسي جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي وئي هئي. ابراهيم رئيسي 2017 ۾ منعقد صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو هو پر هن کي موجوده صدر حسن روحاني کان شڪست ملي هئي.

ايران ۾ هر چئن سالن کان پوءِ صدر جي چونڊ ڪئي  ويندي آهي 60 ساله ابراهيم رئيسي 1979ع کان پوءِ اهم عهدن تي ڪم ڪيو آهي. صرف 20 سالن جي عمر ۾ هو ضلعي ڪراج ۽ پوءِ همدان صوبي جي لاءِ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو ان کان پوءِ کيس تهران جي نائب پراسيڪيوٽر جي حيثيت سان ترقي ڏني وئي.

ابراهيم رئيسي 1989ع ۾ تهران جو چيف پراسيڪيوٽر بڻيو ۽ پوءِ سال 2004 ۾ نائب عدليه جي سربراهه جي عهدي تي 10 سالن تائين مقرر رهيو. 2019 کان ابراهيم رئيسي عدليه جي سربراهه جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏئي رهيو هو