سنڌ ۾ پرائمري اسڪول 21 جون کان کولڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز 21 جون کان کولڻ جو فيصلو، 28 جون تي درگاهون، پارڪس ۽ انڊور جمز به کولڻ جي اجازت، وڏي وزير مراد علي شاهه جِي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي، شهري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهيا ته صورتحال معمول تي اچي ويندي.