ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه کي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو

ڪراچي: بحريه ڌرڻي ڪيس ۾ ضمانت بعد گرفتاري ڏيڻ لاءِ آيل ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي انتظار بعد سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ان حوالي سان وڪيل محمد خان شيخ ٻڌايو ته لانڍي جيل انتظاميه زين شاهه کي وٺڻ کان انڪار ڪيو، لانڍي جيل انتظاميا آرڊر ۾ زين شاھ کي بدنام ۽ خطرناڪ ڏوھاري لکيو، جنھن تي اسان احتجاج ڪيو، احتجاج بعد لانڍي جيل انتظاميا معافي ورتي ۽ ٻيو آرڊر تيار ڪري ان ۾ جڳھ نه ھجڻ جو سبب ڄاڻايو. هن چيو ته سرڪاري ماڻھو فونون ڪندا رھيا ته سائين گھر وڃو سينٽرل جيل انتظاميا به پھرين انڪار ڪيو، پوء زين شاھ کي ڪسٽڊي ۾ ورتو، محمد خان چيو ته زين شاھ سائين جي ايم سيد وانگر ڪڏھن به ضمانت نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو