ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران هلڪي برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم گرم ۽ گهميل، جڏهن ته آنڌيءَ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر جو گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 62 سيڪڙو آهي، ڏکڻ اولهه کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.