سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن معاملو، اڳوڻي وي سي سميت 11 آفيسرن جا بيان قلمبند

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 73 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري معاملي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي فتح محمد برفت سميت 11 آفيسرن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي آفيس پهچي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا، رڪارڊ سميت طلب ڪيل آفيسرن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه آفيسر پروفيسر فيروز شاھ ۽ پروفيسر آصف شيخ به شامل هئا. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پاران موڪليل ليٽر کان پوء سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو پاران به لاڳاپيل آفيسرن کي اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ پيش ٿيڻ لاء لکت ۾ پابند ڪيو ويو هئو. اڳوڻي وي سي فتح برفت کي به اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پاران لکت ۾ رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو هئو. ٻين آفيسرن ۾ اڳوڻو پروفيسر سينٽر فار جيالاجي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي، فوڪل پرسن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپور خاص پرفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ، انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس ڊاڪٽر سليم چانڊيو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر امير علي ابڙو، ساجد قيوم ميمڻ، ريزيڊيٽ آڊيٽر رحيم لغاري کان علاوه ڪاشف ناريجو، غلام اڪبر سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن. سال 2017 – 18 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بدعنواني، اقربا پروري، غيرقانوني ڀرتين، اختيارن جي ناجائز استعمال، سياسي بنيادن تي زمين جي الاٽمينٽ سميت 73 ڪروڙ روپين جي خرد برد جي جاچ هلندڙ آهي. ڪرپشن جي ساڳئي معاملي تي 31 آگسٽ 2020 تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ساجد ڀٽو جي مدعيت ۾ ان وقت جي وي سي برفت سميت يونيورسٽي جي ملازمن ۽ ٺيڪيدارن سميت 67 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هيو. سمورا جوابدار ڄاڻايل ڪيس ۾ حيدرآباد جي اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ مان ضمانتن تي آزاد آهن جن خلاف جاچ هلندڙ آهي.. عدالت پاران حتمي چالان جلد کان جلد جمع ڪرڻ جي حڪمن کان پوء هڪ دفعو ٻيهر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو تحرڪ ۾ اچي وئي آهي.