ڪاليج کاتي ۾ پهريون ڀيرو سرچ ڪميٽي وسيلي ريجنل ڊائريڪٽرز جي مقرري

سکر: سنڌ جي ڪاليج کاتي ۾ پهريون ڀيرو سرچ ڪاميٽي وسيلي ريجنل ڊائريڪٽرز لاڙڪاڻي ۽ سکر جي مقرري ڪئي وئي. تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ سرچ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ڪاليجز خالد حيدر شاهه ۽ ڊي جي ڪاليجز غلام مصطفى چارڻ شرڪت ڪئي. سرچ ڪميٽي ريجنل ڊائريڪٽر سکر ء لاڙڪاڻي لاء 9- اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا. جنهن دوران 9- پروفيسرن پروفيسر شفيق رند، پروفيسر مظهر ٽالپر، پروفيسر غلام سرور لغاري، پروفيسر غلام سرور عباسي، پروفيسر مطيع الله سهارڻ، پروفيسر حفيظ الرحمان، پروفيسر حبيب الرحمان منگي، پروفيسر عاشق ڪلهوڙي ۽ پروفيسر عقيل الرحمان کان انٽرويو ڪيا ويا. سرچ ڪميٽي سمورن پروفيسرن جي انتظامي ء تدريسي تجربي کي نظر ۾ رکي ٻنهي ريجنس لاءِ ڊائريڪٽرن جي مقرري لاءِ سفارش ڪئي. جنهن جي بنياد تي سنڌ حڪومت استاد بخاري ڪاليج دادو جي پرنسپال غلام سرور عباسي کي ريجنل ڊائريڪٽر سکر ۽ گورنمينٽ ڪاليج جوهي جي پرنسپال غلام سرور لغاري کي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري پاران اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.