سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گرين بيلٽ مان حددخليون فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گرين بيلٽ مان حددخليون فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪي ايم سي کي گرين بيلٽ اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، گرين بيلٽ تي قائم ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس غيرقانوني قرار ڏيندي ٻن مهينن اندر ختم ڪرڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته گرين بيلٽ کي ڪمرشل سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪي اليڪٽرڪ جي گريڊ اسٽيشن کي به ٻن مهينن اندر هٽايو وڃي.