قومي اسيمبلي جو ماحول معمول تي نه آيو، شهبازشريف جي تقرير شروع ٿيندي ئي گوڙ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو ماحول معمول تي نه آيو، اپوزيشن ليڊر شهبازشريف جي تقرير شروع ٿيندي ئي اڄ به گوڙ شروع ٿي ويو، هڪ اپوزيشن ميمبر پاران اڇلايل بوتل حڪومتي ميمبر اڪرم چيمه کي لڳي وئي، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر ڪاوڙ ۾ اچي ويو، اسپيڪر ايوان جو ماحول خراب ڪندڙ ميمبرن کي ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، صورتحال معمول تي نه اچڻ ڪري اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو