سنڌ بجيٽ ۾ زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا

ڪراچي: سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3 ارب رکيا ويا، تعليم لاءِ 3.20 ارب رپيا، آءِ ٽي سيڪٽر جي بحالي لاءِ 1.70 ارب رپيا، صنعتي ترقي لاءِ 3 ارب رپيا، شهرين جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ 16 ارب رپيا، گهٽ لاڳت جي هائوسنگ اسڪيمن لاءِ 2 ارب رپيا، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي معاونت لاءِ هڪ ارب رپيا، زرعي شعبي سان واڳيل عورتن لاءِ 500 ملين رپيا، اسپيشل ٻارن جي فنڊ لاءِ 500 ملين رپيا رکيا ويا آهن.