ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو سلسلو جاري، وڌيڪ 57 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 633 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس جا 2 هزار 38 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب وائرس سان متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 39 هزار 931 ٿي ويو، ڪورونا جا 8 لک 75 هزار 581 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 3.34 سيڪڙو رهي.