وفاقي بجيٽ: زرعي شعبي لاءِ 12 ارب ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ 91 ارب رکيا ويا

اسلام اباد: نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ 12 ارب ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ 91 ارب رکيا ويا آهن. ماڪڙ جي حملن کان بچاءَ ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ هڪ ارب رپيا- سارين، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڦٽين جي پيداوار لاءِ 2 ارب رپيا، زيتون جي پوکي وڌائڻ لاءِ هڪ ارب رپيا- واهن، شاخن ۽ ڪينالن لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڊيمن جي تعمير لاِ 91 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ داسو ڊيم جي پهرين مرحلي لاءِ 57 ارب رپيا، ديامير ڀاشا لاءِ 23 ارب رپيا، مهمند ڊيم لاءِ 6 ارب رپيا ۽ نيلم جهلم هائڊرو پاور پروجيڪٽ لاءِ 14 ارب رپيا رکيا ويا آهن.