ملير: 37 ڏينھن اڳ گم ٿيل عورت کي قتل ڪرڻ بعد دفن ڪرڻ جو انڪشاف

ملير: ملير جي علائقي کوکرا پار 37 ڏينهن اڳ گم ٿيل عورت کي قتل ڪرڻ بعد پُراسرار نموني دفن ڪرڻ جو انڪشاف، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته قتل جي شڪ ۾ گرفتار درگاهه جي مجاور ڏوهه جواعتراف ڪري ورتو، جلد قبر ڪُشائي ڪئي ويندي، عورت جي مڙس گمشدگي جو ڪيس کوکرا پار ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو.