تربيلا کان پيداوار بند، ملڪ ۾ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

لاهور: تربيلا ۾ مٽي اچڻ ڪري بجلي جي پيداوار بند ٿي وئي جنهن ڪري مشينري کي به نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ذريعن موجب بجلي جي نظام ۾ هن وقت تربيلا کان 4 هزار ميگاوار کان وڌيڪ پيداوار ۾ ڪمي جو مسئلو آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪي ويو آهي ۽ مجموعي شارٽ فال 6 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو، ذريعن موجب تربيلا کان بجلي جي پيداوار اچڻ ۾ وقت لڳندو ۽ بجلي جي شارٽ فال جي سبب لاهور سميت پنجاب ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ عروج تي پهچي ويو،، لاهور جي گنجان آبادين ۾ بجلي جي بندش جو سلسلو وڌي ويو، ليسڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته ليڪسو ۾ بجلي جي طلب 5 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي ۽ بجلي سپلائي 4 هزار ميگاوار جي ويجهو آهي، ج ڏهن ته شارٽ فال هڪ هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي جنهن ڪري ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ بجلي فراهمي جي صورتحال بدتر ٿي وئي آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي )نيپرا ملڪ ۾ اضافي لوڊ شيڊنگ جو نوٽيس وٺندي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او سوڌو بجلي ورهائيندڙ ڪمپنينز جي سربراهن کي طلب ڪيو ويو.