وزيراعظم اسلام آباد ۾ ون ونڊو احساس سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ون ونڊو احساس سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم کي احساس سينٽر ۾ سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي خاص مددگار ثانيا نشتر به ساڻس گڏ هئي. وزيراعظم احساس سينٽر ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو به لڳايو. ان کان اڳ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فيصل جاويد چيو ته سينٽر ۾ هڪ ئي جاءِ تي سڀ سهولتون موجود آهن، انهن مرڪزن جو دائرو ملڪ جي سڀني ضلعن تائين پکيڙيو ويندو، اهو سلامي فلاحي رياست ڏانهن هڪ وڏو قدم آهي.